الهلال ڊرامٽڪ سوسائٽي

الھلال ڊرامٽڪ سوسائٽي: ”الھلال ڊرئميٽڪ سوسائٽي“ جو بنياد 1924ع ۾ آغا غلام نبي ’صوفي‘ شڪارپور ۾ وڌو. ھن ڊرئميٽڪ سوسائٽي ڪيترائي سنڌي ۽ اردو ڊراما اسٽيج ڪيا، جن ۾: ”دنيا دورنگي“ (آغا غلام نبي صوفي)، ”شان اسلام“، آغا حشر جو ”مدھوش“ ۽ ماسٽر رحمت علي جو ”تصوير رحمت“ شامل آھن، جيڪي ڏسندڙن ۾ تمام گهڻا مقبول ويا. انھن ڊرامن ۾ جيڪي اداڪار حصو وٺندا رھيا، تن ۾ پيرل خان پٺاڻ (ولن جو ڪردار ادا ڪندڙ) غلام حسين جهلڻ ۽ عبدالغفار سومري کان علاوه پير محمد عرف پيرن جوڙيو ’مشتاق‘ جا نالا قابل ذڪر آھن. ھيءُ ڊرئميٽڪ سوسائٽي 29-1928ع ڌاري بند ٿي وئي“. ’الھلال اميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ‘ جي ھڪ ٻي شاخ لاڙڪاڻي ۾ پڻ قائم ٿي ھئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو